عقيل بن ابي طالب رضه

عقيل بن ابي طالب رضه: حضرت عقيل رضي الله عنه جي ڪنيت ابو يزيد هئي. هي حضرت علي ۽ حضرت جعفر طيار رضي الله عنهما جو وڏو ڀاءُ هو. بدر جي جنگ ۾ مسلمانن جي خلاف وڙهيو، جنهن ۾ پڪڙجي قيدي ٿيو. حضرت عباس عليه السلام معاوضو ڀري کيس آزاد ڪرايو. صلح حديبيه کان پوءِ ان اسلام قبول ڪيو. 8 هجريءَ ۾ ان مديني شريف ڏانهن هجرت ڪئي. ڪيتري وقت تائين هو بيماريءَ جي بستري تي رهيو. ان ڪري جنگ موته کانپوءِ ڪنهن به غزوي ۾ سندس ذڪر نه آيو آهي. هيءُ خوشحال انسان هو ۽ نوڪر چاڪر رکندڙ هو. لڳ ڀڳ سن 50 هجري/670ع ڌاري وفات ڪيائين ۽ مديني شريف ۾ دفن ٿيو. ان جا ڪيترائي پٽ هئا، جيڪي بعد ۾ حضرت امام حسين عالي مقام عليه السلام سان (يزيد جي خلاف) جهاد ۾ گڏجي پيا هئا. انهن مان هڪ يعني حضرت مسلم کي ابن زياد شهيد ڪيو، باقي (ڇهه يا نوَ) ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيا. حضرت عقيل قريشن جي تاريخ ۽ علم الانساب ۾ پڪي سند ليکيو ويندو هو. هو نهايت سهڻو ڳالهائيندڙ، سٺي مزاج وارو ۽ کل مک ماڻهو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو